سرحدن کان اڳتي

سرحدن کان اڳتي

سرحدن کان اڳتي

سرحدن کان اڳتي (ڪتاب): هي ڪتاب نوجوان ڪهاڻيڪار ضراب حيدر جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي، هن ڪتاب ۾ سندس چوڏهن ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي. ان کانسواءِ ماهتاب محبوب، يوسف سنڌي، ناهيد مغل ۽ طارق قريشيءَ جا پڻ ويچار / تاثر شامل آهن. جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جو تعارف پڻ شامل آهي. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 244 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو آڪٽوبر 1997ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙي ڇپرايو. ڪتاب ۾ شامل هر ڪهاڻيءَ جي پسمنظر جا اسڪيچ پڻ ٺهيل آهن، جيڪي نوجوان آرٽسٽ منور ابڙي ٺاهيا آهن. ڪتاب جي قيمت 110 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو